ٿياسافيڪل سوسائٽي

ٿياسافيڪل سوسائٽي: ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو بنياد 17 نومبر 1875ع تي، نيويارڪ ۾ وڌو ويو. سوسائٽيءَ جو پهريون صدر ڪرنل ايڇ- ايس او ڪاسٽ ۽ خط ڪتابت جي سيڪريٽري ميڊم اي. پي. بلئوٽسڪي هئي. سنڌ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جو سڀ کان اول رشي ڏيارام ڄيٺمل ميمبر ٿيو؛ 1895ع ۾ انهن ڪارڪنن جو گروهه هر هفتي ڏيارام جي رام باغ واري گهر ۾ ٿياسافيڪل مطالعي لاءِ گڏ ٿيندو هو، جنهن ۾ ڏيارام جو ڀاءُ ديوان دولت رام ڄيٺمل پڻ شامل هو. 1896ع ۾ مسز ايني بيسنت کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني وئي. مسز ايني بيسنت، دعوت قبول ڪري، ڊسمبر 1896ع ۾ سنڌ جو دؤرو ڪيو ۽ پارسي ٿيئٽرڪراچي ۾ ڇهه ليڪچر ڏنا. سنڌ ٿياسافيڪل سوسائٽي، سنڌ ۾ سکر بئراج کي جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي گورنر کي پڻ عرضداشت موڪلي هئي. سائين جي. ايم. سيد، جڏهن 1925ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو نائب صدر ٿيو ته پاڻ ڪراچيءَ جي فلاحي جماعتن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ڪراچيءَ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي پڻ ان وقت عروج تي هئي. دنيا جي مختلف ملڪن مان دانشور ۽ ماهر اچي ٿياسافيڪل سوسائٽي هال ۾ مختلف موضوعن تي تقرير ڪندا هئا. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مقصد اهو هو ته رنگ، نسل، مذهب، قوم جي فرق ۽ ويڇن کي مٽائي انسان ذات جي خدمت ڪئي وڃي. جنهن وقت ۾ دولت رام مهتاڻي، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو نائب صدر هو، تڏهن هن ٻڌايو ته 1938ع کان وٺي جي. ايم سيد، ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ ايندو رهندو هو ۽ مختلف تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ، نوجوانن کي ”سنڌ جي تصوف“ جي باري ۾ ٻڌائيندو هو. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي هڪ شاخ حيدرآباد ۾ پڻ هئي، جنهن جي آفيس بيسنت هال ۾ هئي ۽ اتي ئي ٿياسافيڪل مطالعو ٿيندو هو. بيسنت هال اڄ به موجود آهي، جنهن جو 1917ع ۾ ايني بيسنت سنگ بنياد رکيو هو. حيدرآباد ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ميمبرن ۽ عهديدارن ۾ محمد ابراهيم جويو، آپا ڊاڪٽر شمس عباسي شامل آهن.


لفظ ٿياسافيڪل سوسائٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو